راڻيپور 1

راڻيپور 1

راڻيپور 1

راڻيپور 1

راڻيپور 1

راڻيپور 1 (شهر): خيرپور ضلعي جو هيءُ شهر ڪلهوڙا دؤر کان اڳ جو آباد ٿيل آهي. ابل واهه ۽ روهڙي ڪئنال جي وچ ۾ قائم راڻيپور شهر جي آبادي چئن لکن کان وڌيڪ آهي. هي شهر 27 17 20 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68 30 06 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. انگريز راڄ ۾ خلافت تحريڪ دوران هتان جي عالمن، پيرن ۽ عام ماڻهن وڏو حصو ورتو. راڻيپور هڪ مک شهر ۽ يونين ڪائونسل آهي. راڻيپور جي پيرن جي درگاهه سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. پير آف راڻيپور عبدالقادر شاهه هڪ نامور سياسي اڳواڻ ٿي گذريو آهي. هتي پرائمري اسڪول 1892ع کان قائم آهي، جڏهن ته هاءِ اسڪول 1939ع ۾ ٺهيو. ان کانسواءِ هن وقت ٻيا سرڪاري بوائز توڙي گرلس اسڪول، ڊگري گرلس ڪاليج، سچل سرمست ڪاليج، بحريه فائونڊيشن ۽ مظهر پبلڪ اسڪول ۽ ڪاليج سميت ڪجهه ٻيا تعليمي ادارا به راڻيپور ۾ قائم آهن. هتي مختلف دروازا به ٺاهيل آهن، جن ۾ باب دستگير، باب سچل سرمست، بابت بودلا، باب صالح شاهه، باب عبدالجبار شاهه. راڻيپور ۾ حضرت صالح شاهه ۽ بودلي بهار جا مقبرا به مشهور آهن. راڻيپور شگر مل به هتي قائم آهي. شهر سان گڏوگڏ گمبٽ شهر به آباد آهي، جڏهن ته درازا شريف به ويجهو اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو